ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا زرغون روڊ سرينا چوڪ تي هوٽل جي پارڪنگ ۾ ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ايترو شديد هو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. پوليس موجب ۾ فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي. ريسڪيو عملي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي کانپوءِ ڪيترن ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي. ذريعن موجب زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته زخمين مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
آءِ جي پوليس بلوچستان محمد طاهر موجب ڌماڪو مقامي هوٽل جي پارڪنگ ۾ ٿيو. سي ٽي ڊي ڌماڪي واري هنڌ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڌماڪي سان ٿيل نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ڪوئيٽا جي سرينا هوٽل ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري بلوچستان کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.