ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.
صوبائي وزير شهلا رضا ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي جنهن کان پوءِ صوبائي وزير پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ ئي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.
شهلا رضا عوام کان دعا جي به اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪجهه وائرس سبب فوت به ٿي ويا آهن.