حيدرآباد (پ ر) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين سيد مصطفي ڪمال چيو آهي ته پي ايس پي پاڪستان جي رياست کي مڃي ٿي ۽ اسان پاڪستان جي رياست جا وفادار آهيون. حڪومت رياست نه آهي اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي ته سڀاڻي ٻئي ڪنهن جي هوندي. اڄ حڪومت ماڻهن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي.
خوراڪ ، صحت ، تعليم ، انصاف ۽ ٻيون بنيادي سهولتون حڪومت عوام کي نه ڏئي رهي آهي. حڪومت جي ڳالهين ۾ صبح ، شام ۽ رات تضاد آهي. وزيرن جي ڪرپشن جو ڳالهيون هر زبان تي عام آهن. اٽي ۽ کنڊ سميت ڪيترائي اسڪينڊل سامهون اچي چڪا آهن.
ان چيو ته اسان آئين پاڪستان ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي جدوجهد جو آغاز ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن ۾ اسان کي اسٽيٽس رکڻ وارين طاقتن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اسان کي يقينا تڪليف ۽ نقصان کڻڻو پوندو ان ۾ اسان جون جانيون به وڃي سگهن ٿيون جنهن جي لاءِ اسان تيار آهيون ۽ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين.
ان چيو ته جڏهن اسان آواز کي اٿارينداسين ته هن نظام کي هلائڻ وارا اسان جي مٿان ظلم ڪندا ان جي لاءِ پي ايس پي جا ڪارڪن ذهني ۽ جسماني طور تي اچڻ وارين آزمائش لاءِ پاڻ کي تيار رکن. وقت اچي ويو آهي ته پي ايس پي جا ڪارڪن ايمان جي سڀني کان برتر درجي تي پهچن ۽ برائي کي پنهنجي هٿن سان روڪين. انهن خيالن جو اظهار ان ويڊيولنڪ جي ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو.
ان چيو ته اسان جڏهن ايمان جي گهٽ درجي تي فائز هئاسين ته اسان برائي کي دل ۾ برو سمجهي ڪري 2013 ۾ پنهنجي سينيٽر شپ ڇڏي هليا وياسين. هڪ مهيني کان پوءِ انيس قائمخاني به ڇڏي هليو ويو پوءِ اسان کي الله تعالي همت ۽ طاقت ڏني اسان ايمان جي ٻئي درجي برائي کي زبان سان سر عام برو چوڻ جي لاءِ 3 مارچ 2016 تي پاڪستان واپس آياسين ۽ اسان الله جي حڪم کي يعني نيڪي جو حڪم ڏيو ۽ برائي کان روڪيو کي پنهنجي عادت ٺاهي ڇڏي.
ڪارڪنن کي اسان نيڪي جو حڪم ڏنو ۽ برائي کان روڪيو. ان چيو ته اسان پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي مڃڻ وارا آهيون. اسان ڪنهن سان وڙهڻ نٿا چاهيون ڇو ته اسان وطن سان محبت ڪندڙ ماڻهو آهيون. ان وقت تائين دنيا ۾ ڪاب تبديلي نٿي اچي جيستائين قرباني نه ڏني وڃي. الله تعالي آزمائش کان سواءِ پنهنجي مدد نٿو موڪلي امتحان ۾ گذرڻ کان سواءِ ڪاميابي نٿي ملي.
اسان جي ساٿين کي شهيد ڪيو ويو اسان تي طرح طرح جا الزام لڳايا ويا پر اسان صبر ڪيو ڇو ته حق ۽ سچ جي رستي ۾ قرباني ڏيڻي پوندي آهي. چئن سالن جي دور ۾ سڀ ظلم سهڻ جي باوجود اسان ڪنهن کي ڀتر به نه هنيو اهو اسان جو صبر هو پر هاڻ پاڪستان کي وڌيڪ انهن حالتن ۾ ڏسڻ لاءِ تيار نه آهيون اهي ساٿي جيڪي ٻيو ڪجهه سوچي پي ايس پي ۾ شامل ٿيا يا ته اهي پنهنجو پاڻ کي سخت جدوجهد جي لاءِ تيار ڪن يا پي ايس پي کي ڇڏي هليا وڃن ڇو ته هاڻ پي ايس پي جو اهوئي رستو هوندو جيڪو الله جو حڪم هوندو.
ان چيو ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان اهڙي طرح سان نه هلي سگهندو ، پوري قوم گٽرن وارو مليل پاڻي پي رهي آهي ، سيوريج جو نظام تباهه آهي ، ڪچرو کڻڻ وارو ڪير نه آهي ڪچرن جا ڍير لڳل آهن ، بجلي نه آهي ، روزگار نه آهي ، گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عذاب بڻيل آهي ، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم نه آهي ، اسپتالن ۾ دوائون نه آهن ، هر طرف تباهي ۽ بربادي آهي ڪجهه به ٺيڪ نه آهي ، معيشت جو ٻيڙو ٻڏل آهي گهر ويهي ڪري اهي برائيون ختم نه ٿينديون.