خيرپور ( محمد علي جانوري) خيرپور ۾ ڀتا مافيا جو راج قائم، 50 لک ڀتو ڏيڻ لاءِ ڏوهارين جو زميندار کي خط، ڀتو نه ڏيڻ تان ڏوهارين زميندار جي ڪارخاني کي باهه ڏئي الهه تلهه ساڙي ڇڏيو.
کوجي ڪتن جي مدد سان ڏوهارين جا پيرا کنيا ويا،پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل،
هڪ مهينو اڳ ڀتو طلب ڪرڻ جو اطلاع پوليس کي ڏيڻ باوجود 30 لکن جو نقصان ڪيو ويو آهي،زميندار بچل ڀٽو جون ميڊيا آڏو دانهون.
تفصيل موجب گذريل رات دير سان پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير منڱيون ۾ زميندار محمد بچل ڀٽو جي ڪارخاني کي نامعلوم ڏوهارين باهه ڏئي 30 لکن جو نقصان ڪري فرار ٿي ويا.
هن سلسلي ۾ مشهور زميندار محمد بچل ڀٽو ،الهرکيو ڀٽو، عبدالوحيد ڀٽو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيدي ٻڌايو ته ڏوهارين پاران 50 لک ڀتو طلب ڪرڻ جا خط ۽ فون مسلسل اچي هئا، جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس ڪو به قدم نه کينو ۽ ڏوهارين رات دير سان ڪارخاني کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڪارخاني ۾ پيل ،کجين جو باردانو، هزارين ٽوئا ،50 تئيون، لکين مڻ بنهه سميت 30 لکن کان وڌيڪ ماليت جو نقصان ٿي ويو آهي.
هنن ٻڌايو ته پوليس جي موجودگيءَ ۾ کوجي ڪتن جي مدد سان ڏوهارين جا پيرا کڻي رهيا آهيون، هنن ٻڌايو ته ڏوهاري هڪ هفتو اڳ منهنجي 5 جريب ڪيلن جي ڦرندڙ باغ کي ڪٽي ويا آهن،جنهن جو ڪيس ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي.
بچل ڀٽو چيو ته ڀتو نه ڏيڻ تان ڏوهاري اغوا ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن اعليٰ عدليا ،سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ،ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيا هئا.