ڪنڌ ڪوٽ( رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌ ڪوٽ ڪورونا وائرس جي ڪري هڪ مسيحا زندگي جي جنگ هارائي ويو پرائيويٽ ڊاڪٽرن به خوف ۾ او پي ڊي بند ڪري ڇڏي مريضن ۾ واڌ 9 نوان ڪيس ظاهر تعداد 173 ٿي ويو.
تفصيل موجب ؛ ڪنڌ ڪوٽ ڪورونا وائرس جي وبا تيزي سان ڦهلجڻ لڳي 4 ڏينهن اڳ تعلقه اسپتال ڪنڌ ڪوٽ جي ڊاڪٽر يونس چنه جي ڪورونا وائرس جي رپورٽ پازيٽو آئي جنهن بعد گذريل ٻه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر يونس چنه جي اچانڪ طبيعت خراب ٿئي وئي جنهن کي گمبٽ جي اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي رکيو ويو جيڪو اڄ زندگي جي جنگ هارائي فوت ٿئي ويو ڊاڪٽر جي فوتگي جي خبر پوڻ تي صحت کاتي جي عملي سميت شهر اندر ڏک جو ماحول بڻجي ويو ڊاڪٽر جو لاش کڻائي ڪنڌڪوٽ پهتا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
وارثن پاران ڊاڪٽر جو آخري رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون ويون ڪورونا وائرس جي وبا تيزي سان وڌڻ ڪري ڪنڌڪوٽ شهر اندر ڪجهه ڏينهن کان وٺي پرائيويٽ ڊاڪٽرن به او پي ڊي بند ڪري ڇڏي جنهن ڪري مختلف بيمارين ۾ اڳ ۾ ورتل مريضن جو علاج مشڪل ٿئي ويو شهر کان ٻاهر به اهڙي صورتحال سبب مرض سبب ڪورسن تي هلندڙ بيمار عوام کي سخت پريشاني ٿيڻ لڳي جڏهن ته فوڪل پرسن ڊاڪٽر جبار ملڪ موجب وڌيڪ 9 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن بعد ڪيسن جو تعداد 173 ٿئي ويو مريضن ۾ واڌ سبب صورت حال ڳڻتي جوڳي ٿي رهي آهي،