لاهور: تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر شاهين رضا ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري وئي. ميو اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر اسد اسلم ايم پي اي شاهين رضا جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي. هن ٻڌايو ته بيگم شاهين رضا بلڊ پريشر ۽ شگر جي به مريض هئي، کيس 17 مئي تي طبعيت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان هن کي لاهور نيو ويو هو. شاهين رضا عورتن جي مخصوص سيٽ تي تحريڪ انصاف جي ايم پي اي چونڊي هئي ۽ سندس عمر لڳ ڀڳ 60 سال هئي. وزيراعظم عمران خان پنجاب اسيمبلي ميمبر شاهين رضا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.