ميرپور ماٿيلو(سنڌ نيوز آن لائن) ميرپور ماٿيلو؛ پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري مٿان ڳوٺ اسلام لاشاري ويجهو قاتلاڻو حملو، پروفيسر مجزاڻي طور بچي ويو، گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا، پروفيسر مائٽ جي هڪ گهر ۾ پناھ ورتي، پوليس رواني. پروفيسر جي زندگي کي خطرو
پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري مٿان ڳوٺ اسلام لاشاري ويجهو قاتلاڻو حملو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پروفيسر مبارڪ لاشاري مجزاڻي طور بچي ويو، ۽ ڪار جا شيشا ٽٽي پيا، جڏهن ته پروفيسر مبارڪ لاشاري هڪ مائٽ جي هڪ گهر ۾ پناھ وٺي پنهنجي جان بچائي. هوڏانهن اطلاع تي پوليس رواني ٿي وئي آهي، هوڏانهن پروفيسر مبارڪ لاشاري جي زندگي کي خطرو آهي، ان حوالي سان مبارڪ لاشاري سان رابطو ڪيو ويو ته هُن ٻڌايو ته مان ڪنهن ڪم سانگي ڳوٺ اسلام لاشاري وڃي رهيو هيس ته رستي ۾ منهنجي گاڏي تي نادر لاشاري حملو ڪيو مان مجزاڻي طور بچي ويس، پر گاڏي کي نقصان پهتو هُن ايس ايس پي گهوٽڪي کان جوابدارن جي گرفتاري ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.