شهدادڪوٽ (سنڌ نيوز آن لائن ) شهدادڪوٽ ۾ 3 عورتن سميت 6 ڄڻن جي ڪورونا وائرس جي رپورٽ مثبت اچڻ کان پوء ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو.
شهدادڪوٽ ۾ 3 عورتن سمت 6 ڄڻن جي ڪورونا وائرس جي رپورٽ مثبت اچڻ کان پوء شهر اندر ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو، شهداڪوٽ جي تعلقه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر روشن سومرو رابطو ڪرڻ بعد تصديق ڪندي ٻڌايو ٻه ڏينهن اڳ هڪ سو کان وڌيڪ ماڻهن جا نمونا ورتا ويا هئا جن مان 3 عورتن سميت 6 ڄڻن جي ڪورونا وائرس جي رپورٽ مثبت آئي آهي جن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 3 عورتن سميت 6 ڄڻن جي رپورٽ مثبت اچڻ کان پوء شهر اندر ڪورونا جي مريضن جو تعداد وڌي 19 ٿي ويو آهي.