دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يوٽرن وٺڻ عظيم ليڊرشپ جي سڃاڻپ هوندي آهي. وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارتن ۾ موجود آهي. پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يوٽرن وٺڻ عظيم ليڊرشپ جي سڃاڻپ هوندي، جڏهن ته ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل رقم کي بچائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ بي ايمان جي سڃاڻپ آهي.