انقره(مانيٽرنگ ڊيسڪ)متحده عر ب امارات ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. ترڪي ۾ سڀاڻي عيدالفطر ملهائي ويندي. ميڊيا رپورٽس موجب متحده امارات جي مرڪز فلڪيات جديد ٽيڪنالاجي سان ڏينهن جي روشني ۾ شوال جو چنڊ تلاش ڪري مسلم دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي . شوال جو چنڊ هڪ لڳي 53 منٽ تي فلڪياتي ٽيڪنڪ آسٽرو فوٽو گرافي جي مدد سان ڳولا ڪئي وئي . عرب امارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ چنڊ نظر اچي ويو آهي ، جڏهن ته اڃا تائين حڪومتي سطح تي اعلان ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ترڪي ۾ سڀاڻي عيد الفطر ملهائي ويندي . عرب ميڊيا موجب چنڊ جي راويت جو حتمي اعلان متحده عر امارات جي چنڊ ڏسني ڪميٽي ڪندي . متحده عر امارات جي حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري چڪي آهي .
