ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق خلاف شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن. پير مظهرالحق خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ پير مظهر ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران نيب عملدارن موقف اختيار ڪيو ته پير مظهرالحق خلاف شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جاچ جلد مڪمل ڪئي ويندي. نيب اختيارين چيو ته پير مظهر جي چوڻ تي تعليم کاتي ۾ 13 هزار غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون. نيب موجب عبدالجبار ۽ ممتاز شيخ به غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث آهن. نيب عملدارن لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.